ڇڇ جهان خان

ڇڇ جهان خان: ڇڇ جهان خان، ٺٽي ضلعي جي هڪ قديم وسندِي آهي، جيڪا لاڏيون شهر کان ڏکڻ طرف اٺن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. هتي ڇوڪرن لاءِ هاءِ اسڪول به قائم آهي. ميين عثمان جا مقبرا، جن کي گَرا/ڪارا قُبا به چوندا آهن، ۽ ڦٽل ديرو هن شهر جي ڏکڻ ۾ چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهن. هتي ڪافي ڍنڍون ۽ ڍورا به آهن، جتي سياري جي مند ۾ ٻاهريان پکي جام اچي لهن ٿا. سنڌ جو ناميارو سياستدان محمد علي ملڪاڻي به هن بستيءَ جي معتبر شخصيت آهي.


لفظ ڇڇ جهان خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو